خداآباد جو کاهوڙي

خداآباد جو کاهوڙي

خدا آباد جو کاهوڙي

خداآباد جو کاهوڙي (ڪتاب): سماج سڌارڪ فقير عبدالله ڪلهوڙي جي شخصيت، سوانح ۽ مختلف اديبن جي مقالن تي مشتمل هن ڪتاب کي محمد افضل ڪلهوڙي ترتيب ڏنو آهي. هيءُ ڪتاب پنجن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرين ڀاڱي ‘جوڳي جوءِ ڇڏي ويا’ جي عنوان سان چوڏهن شخصيتن جا فقير عبدالله جي خدمتن تي لکيل مضمون شامل آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ ‘ورچي نه ويٺي’ جي عنوان سان فقير عبدالله جا وزير اعليٰ سنڌ، گورنر سنڌ، وزير اعظم پاڪستان ۽ صدر پاڪستان ڏانهن ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري جي مرمت ۽ جاگير تان قبضي ڇڏائڻ بابت خط شامل آهن. ٽئي ڀاڱي ۾ ‘خوشبوءِ جهڙا خط’ جي عنوان سان چونڊ خط، ڀاڱي چوٿين ۾ ‘عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ’ جا دعوت ناما ۽ باڊيءَ جا منٽس ۽ ڀاڱي پنجين ۾ ‘سک نه ستا ڪڏهين’ جي عنوان سان محتسب اعليٰ ڏانهن انگريزيءَ ۾ لکيل خط شامل آهن.195 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي ساهتي ادبي اڪيڊمي، نوابشاهه 2014ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو